ديوان صنعت

ديوان صنعت

ديوان صنعت

ديوان صنعت (ڪتاب): هي فارسي ديوان شڪارپور جي نامور شاعر محمد عارف صنعت شڪارپوريءَ جو لکيل آهي، جنهن کي سنڌ جي نامور محقق، اديب ۽ شاعر لطف الله بدويءَ ترتيب ڏنو آهي. لطف الله بدويءَ ڪتاب جو مقدمو فارسيءَ ۾ لکيو آهي ۽ تمهيد شاعر جي پٽ منشي عبدالخالق جي لکيل آهي. ديوان ۾ رديفن مطابق الف ب ترتيبوار غزلن کانسواءِ فرد، رباعيون، قطعات، مخمس، قصيده، هفت بند، مسدس ۽ آخر ۾ ’قصه جمجمه سلطان‘ جي نالي سان هڪ مثنوي شامل آهي. ديوان ۾ ’ر‘ واري رديف جي غزلن ۾ پهريون غزل شڪارپور شهر جي تعريف ۾ آهي:
خوانند هست جنت اڪبر شڪارپور،
واز هشت در بهشت نڪوتر شڪارپور.
قصيدن واري حصي ۾ نعتن کان سواءِ هڪ قصيدو شڪارپور جي حاڪم (ٽالپري دور ۾) آغا سيد زين العابدين شاهه جي شان ۾ ۽ هڪ قصيدو چانڊڪا پرڳڻي جي مختيارڪار نواب احمد خان جي تعريف ۾ به شامل آهن. 250 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جو هي ديوان، 1968ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ، شايع ڪرايو هو، جنهن جي قيمت 50 روپيا آهي.


لفظ ديوان صنعتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو